Wednesday , April 23 2025

بينظير جو قاتل مشرف کي سمجهان ٿو، آپگهاتي بمبار کي ڏوهي نه ٿو سمجهان: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سندس ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف آهي، شخص آپگهاتي حملو ڪيو ان کي ڏوهي نه ٿو سمجهان ڇو ته ان کي استعمال ڪيو ويو. مشرف حالتن جو فائدو کڻندي سندس والده کي منظر تان هٽائڻ لاءِ سڪيورٽي هٽرائي، سندس والد کي بينظير جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ مظلوم کي ظالم قرار ڏيڻ جي برابر آهي. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سندس والد کي بينظير جي قتل جو ذميوار قرار ڏيڻ مظلوم کي ظالم قرار ڏيڻ جي برابر آهي، پرويز مشرف بينظير ڀٽو کي سڌي ڌمڪي ڏني ۽ چيو هو ته ان جي تحفظ جي ضمانت جو دارومدار مشرف سان سهڪار تي آهي. هن چيو ته سندس ماءُ بينظير ڀٽو جي قتل جو ذميوار پرويز مشرف آهي، جنهن حالتن جو فائدو کڻندي سندس والده کي منظر تان هٽائڻ لاءِ سڪيورٽي هٽرائي. انٽرويوءَ ۾ بلاول ڀٽو چيو ته، هو ان نوجوان ڇوڪري کي بينظير جو قاتل نٿو سمجهي، جنهن 27 ڊسمبر 2007ع جي شام راولپنڊي ۾ سندس والده تي حملو ڪيو هو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مشرف حالتن جو فائدو وٺندي منهنجي امڙ کي قتل ڪرايو.

About Asghar Azad

Check Also

صدر آصف زرداري جي طبيعت خراب، نجي اسپتال داخل، دبئي منتقل ڪرڻ جو امڪان، اسپتال جي سيڪيورٽي سخت

آصف زرداريءَ کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خانداني فردن حتمي فيصلو ناهي ڪيو، پر آصف …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *