Tuesday , April 1 2025
Breaking News

تانيا جو ڪيس ميڊيا خراب ڪيو،خبرن سبب جوابدار لڪي ويا: وڏي وزير مراد علي شاهه جو انڪشاف

Tania khaskheli 01

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته، جهانگارا ۾ قتل ٿي ويل مئٽرڪ جي شاگردياڻي تانيا خاصخيلي جي قتل واري معاملي جون خبرون ميڊيا ۽ عوامي رابطن جي گروپس تي هلڻ سبب جوابدار لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

سيد مراد علي شاهه اهڙو اظهار جهانگارا ۽ دادو ۾ ميڊيا ساسن ڳالهائيندي ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته تانيا خاصخيلي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. هن چيو ته اصل ۾ معاملو ميڊيا خراب ڪري ڇڏيو، قتل واري واقعي جون خبرون ميڊيا تي هلڻ سبب جوابدارن کي خبر پئجي وئي ۽ هُو لڪي ويا، جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن پر جلد کين سوگهو ڪيو ويندو.

سيد مراد علي شاهه چيو ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه هجن پر انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ ضرور بيهاريو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *