Tuesday , April 1 2025
Breaking News

تبديلي سرڪار، عوام کي 6 پئسن جي ڏنل آسري تي يوٽرن وٺي ڇڏيو

تبديلي سرڪار، عوام کي 6 پئسن جو به فائدو ناهي ڏيڻو، پي ٽي آءِ جو وڌيڪ يوٽرن

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) تبديلي سرڪار عوام کي سخاوت ذريعي پيٽرول جو اگهه 6 پئسا سستو ڪرڻ جو آسرو ڏئي ان تي به يوٽرن وٺي ڇڏيو آهي، ناڻي واري وزارت پيٽرول سسستو ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، اوگرا پاران 30هين جنوري تي وفاقي حڪومت کي اماڻيل سمري ۾ پيٽرول جي في لٽر اگهه ۾ سکڻو 6 پئسا گهٽتائي ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، جيڪا جمعي ڏينهن  رد ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت سرڪار تيل جي اگهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ بدران ساڳيا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت موجب تيل جا اگهه فيبروري ۾ به برقرار رهندا، اعلان موجب فيبروري ۾ به پيٽرول جو في لٽر اگهه 116 رپيا 60 پيسا برقرار رهندو، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 127 رپيا 26 پيسا، لائيٽ ڊيزل جو اگهه 84 رپيا 51 پيسا ۽ گاسٽليٽ جي قيمت 99 رپيا 45 پيسا في لٽر برقرار هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *