تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ديوان سچانند کي ٽن سالن جي قيد جي سزا

ايم پي اي ديوان سچانند عمران خان سان گڏ (فائل فوٽو)

سانگهڙ (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) ڪاروباري ڏيتي ليتي ۾ ڪوڙو چيڪ ڏيڻ تي سانگهڙ جي واپاري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ايم پي اي ديوان سچانند کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ٽنڊُ آدم جي مقامي عدالت ۾ سيٺ ايوب راجپوت پاران داخل ڪرايل هڪ درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي سچانند کي سزا ٻڌائي آهي. درخواست گذار جو موقف هو ته ڪاروباري ڏيتي ليتي لاءِ ديوان سچانند کيس هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو هو جيڪو ڪيش نه ٿي سگهيو هو. درخواستگذار جو موقف هو ته ديوان سچانند کي خبر هئي ته سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ ايترا پئسا هئا ئي ڪو نه ان باوجود کيس هڪ ڪروڙ رپين جي ادائگي لاءِ چيڪ ڏنو ويو. عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران الزام ثابت ٿيڻ تي عدالت طرفان پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ديوان سچانند کي 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ديوان سچانند اقليتن جي مخصوص سيٽ تي پي ٽي آءِ جو اسيمبلي ميمبر آهي. گرفتاري وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي ديوان سچانند چيو ته اڄ رات جو مهمان آهيان، سڀاڻي ضمانت ڪرائي وٺندس. هن چيو ته ڪهاڻي ڊگهي آهي، تفصيل بعد ۾ ٻڌائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *