تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف پاران 26 فيبروري تي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

ملير( رپورٽ   سنڌسماءَچار) ڀٽ شاهه کان نڪتل تعليم کاتي جي لوئر اسٽاف جو لانگ مارچ قافلو ملير پريس ڪلب پهچي ويو،سياسي ۽ سماجي ڌرين  گلن جي ورکا ڪري لانگ مارچ قافلي جي آجيان ڪئي،ان موقعي تي اڳواڻن اعلان ڪيو ته  مطالبا نه مڃيا ويا ته 26 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻو هنيو ويندو. 14 فيبروري کان لطيف سرڪار جي اڱڻ تان پيادل لانگ مارچ قافلو ملير پريس ڪلب پهچڻ تي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران قافلي جي آجيان ڪئي وئي لانگ مارچ ۾ شامل ملازم پنهنجي جائز مطالبن جي لاءِ نعري بازي ڪري رهيا هئا، لانگ مارچ ملير پريس ڪلب پهچڻ تي خاصخيلي اتحاد جي اڳواڻن فيض خاصخيلي، جبار خاصخيلي پاران قافلي تي گلن جي ورکا ڪري کين اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ويا.

 لانگ مارچ 26 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، اتان کان پوءِ ملازم وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي وزيراعلي هائوس اڳيان پرامن ڌرڻو هڻندا. ملير پريس ڪلب ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته  اسان جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ پنهنجا پير پٿون ڪري ڪراچي پهتا آهيون. لانگ مارچ جي اڳواڻي  ايسو سيئشن جو مرڪزي صدر وزيراحمد ڪيريو، محمد صالح ٻٻر، احسان جمالي، معشوق علي ٻرڙو، محمد ابراهيم سومرو، شوڪت علي جمالي، قادر زرداري ۽ دلمريد ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته  لوئر اسٽاف کي اپ گريڊ نٿو ڪيو وڃي، ٽائم اسڪيل، سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا ۽ وردي الائونس به نٿا  ڏنا وڃن. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل ميمبرساجده ميمڻ ۽ ٻين سياسي، سماجي تنظيمن جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *