تعليم کاتي سميت مختلف کاتن جي آفيسرن کي 18 گريڊ ۾ ترقيون ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

SHC

سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن، انجنيئر  ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت  تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ملازمن پاران کين  ترقيون نه ڏيڻ خلاف  داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

 تعليم کاتي جي ملازمن عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2015 ۾ حڪومت کي ملازمن جي ترقين بابت حڪم جاري ڪيو هو پر حڪومت صرف ليڪچررز کي ترقيون ڏنيون ۽ ٻيا ملازم اڃا تائين ترقين کان محروم آهن.

عدالت استادن، انجنيئرز  ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت  تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کان ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *