Wednesday , April 2 2025

تعليم کاتي سميت مختلف کاتن جي آفيسرن کي 18 گريڊ ۾ ترقيون ڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

SHC

سنڌ هاءِ ڪورٽ استادن، انجنيئر  ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت  تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي تعليم کاتي جي ملازمن پاران کين  ترقيون نه ڏيڻ خلاف  داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

 تعليم کاتي جي ملازمن عدالت ۾ موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 2015 ۾ حڪومت کي ملازمن جي ترقين بابت حڪم جاري ڪيو هو پر حڪومت صرف ليڪچررز کي ترقيون ڏنيون ۽ ٻيا ملازم اڃا تائين ترقين کان محروم آهن.

عدالت استادن، انجنيئرز  ۽ انتظامي عهدن تي مقرر ملازمن سميت  تعليم کاتي جي آفيسرن کي 17 گريڊ مان 18 گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو حڪم ڏيندي سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل عملدارن کان ٻن هفتن اندر جواب طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي

ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *