Tuesday , April 1 2025
Breaking News

جسٽس رٽائرڊ ناصرالملڪ نگران وزيراعظم جو عهدي قسم کڻي ورتو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ناصرالملڪ نگران وزيراعظم طور عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي، ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين کيس نگران وزيراعظم جو قسم کڻايو.

نگران وزيراعظم جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ عهدو ڇڏيندڙ شاهد خاقان عباسي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، هٿيار بند فوجن جا اعليٰ عملدار، چئني صوبن جي گورنرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن توڙي اهم شخصيتن به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. حلف کڻڻ کانپوءِ نگران وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي نالن جو اعلان ڪندو جيڪي به قسم کڻڻ کانپوءِ پنهنجن پنهنجن عهدن جون ذميواريون سنڀاليندا.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *