Sunday , February 23 2025

جلسو12مئي تي حڪيم سعيد گرائونڊ تي ئي ڪنداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي( اصغر آزاد سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان ڳالهه کي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته پيپلز  پارٽي 12 مئي تي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ ئي ڪندي، اسان وٽ قانوني طور ڊي سي جو اجازت نامو به موجود آهي. حڪيم سعيد گرائونڊ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پ پ ۽ پي ٽي آي جي ڪارڪنن وچ ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ ۽ کانپوءِ ڊان ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه حڪيم سعيد گرائونڊ تي پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظها رڪيو، اهڙي واقعي ٿيڻ جي مذمت به ڪئي. هن چيو ته کيس لڳي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ شهر جون حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ڪرڻ نه ڏنو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته، 12 مئي تي هن گرائونڊ تي جلسي جي اجازت پ پ پاران گهري وئي هئي ۽ ان لاءِ ڊي سي ويسٽ کي درخواست ڏني وئي هئي. هن چيو ته ڊي سي ويسٽ پيپلز پارٽي کي 12 مئي تي حڪيم سعيد گرائونڊ ۾ جلسي ڪرڻ لاءِ اين ايو سي جاري ڪري ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته، اين او سي پ پ وٽ آهي ۽ اسان ساڳئي تاريخ تي ساڳئي گرائونڊ ۾ ئي جلسو ڪنداسين ۽ شهر جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *