Saturday , February 22 2025

جهاز سانحو، معاملو فوتي پائليٽ جي ڳچي ۾ وجهڻ جا سانباها

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) جمعي ڏينهن ڪراچي ۾ حادثي جو شڪار بڻيل جهاز سانحي جو ذميوار پائليٽ جي ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پي آءِ اي جو چيئرمين ۽ سندس ڪجهه ويجها ڪامورا حادثي جي ذميواري پائليٽ جي غلطي قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. جمعي ڏينهن پي حادثي جو شڪار ٿيل آءِ اي جي اڏام پي ڪي 8303 کي فني خراب بابت ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته، حادثو جهاز جا ٽائر نه کلڻ سبب پيش آيو، جهاز ٻه ڀيرا لينڊنگ جي به ڪوشش ڪئي، جيڪا ڳالهه ميڊيا تي به اچي چڪي آهي، پر ان جي باوجود به پي آءِ اي جو چيئرمين ايئرمارشل رٽائرڊ ارشد ملڪ جو اهو چوڻ ته، “جهاز ۾ ڪا به خرابي نه هئي ”، اصل ۾ جاچ تي اثر انداز ٿيڻ ۽ سڄي معاملي کي جهاز جي پائليٽ ڪئپٽن سجاد کي ذميوار قرار ڏيڻ جي ڪوشش آهي. چيئرمين پي آءِ اي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته حادثي جو شڪار ٿيل جهاز ۾ ڪا  به فني / ٽيڪنيڪل خرابي نه هئي، پر ان باوجود به جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا هر رخ کان جاچ ڪندي. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ذريعن موجب چيئرمين پي آءِ ايئرمارشل ارشد ملڪ جو اهڙُ موقف جاچ شروع ٿيڻ اڳ ئي ان تي اثر انداز ٿيڻ جي پلاننگ آهي، جيڪو عمل انتهائي افسوسناڪ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *