جسقم آريسر جو 28 جنوريءَ تي سکر مان سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جو سکر کان نڪتل پيدل مارچ سجاول پهچي ويو، قافلي جي شاندار آجيان، پيادل مارچ 23 فيبروريءَ تي ڪراچي پهچندو
سجاول ( مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جو سکر کان نڪتل پيدل مارچ سجاول پهچي ويو، قافلي جي شاندار آجيان، سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪمپني کي وڪرو ڪرڻ خلاف نعري بازي. سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ خلاف جسقم آريسر پاران اسلم خيرپوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 28 جنوريءَ تي سکر مان ڪراچي تائين نڪتل پيادل مارچ مختلف شهرن کان ٿيندو سجاول پهچي ويو آهي. مارچ اسلم خيرپوري جي اڳواڻي ۾ مارچ جي پھچڻ تي شاندارقافلي جو شاندار استقبال ڪيو ويو، گلن جي ورکا ڪري سنڌو تي سمورا ڪئنال نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ويا. مارچ جو قافلو سجاول پهچڻ تي شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين پاران مارچ جي شاندار آجيان ڪئي. جسقم چئرمين اسلم خيرپوري ڪرن نظاماڻي، ناز اسماعيل نوتڪاڻي، فتاح چنا، ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آھي درياھ تي ڪئينال ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.
ھنن چیو تہ سنڌي قوم جو گذر سفر زراعت تي آھي سنڌ جي عوام ڪئينال خلاف اٿي کڙي ٿي وفاق سنڌ مٿان پنھجا فيصلا مڙھڻ چاھي ٿو سنڌو درياهه سنڌ جي ملڪيت آھي، اڳواڻ چيو ته اسان درياهه بچائڻ لاء نڪتل آھيون اچو ته ڪراچي ۾ 23 فيبروري تي گڏ ٿي عالمي دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ مٿان پنجاب پنھنجا فيصلا مڙھي پيو سنڌو درياهه تي ڪئينال قبول ناھي.