اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارليامينٽيرينز جي چيئريمن آصف زرداري پاران جيالن کي خوشخبريون ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي. آصف زرداري پنهنجي دانش جو استعمال ڪندي اڳوڻي صدر اسحاق خان جو نياڻون، وينا حيات ڪيس جو مک ڪردار ۽ پرويز مشرف جي ساٿي عرفان الله مروت کي به جيالو بڻائي ڇڏيو آهي.
نواز ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي عرفان الله مروت بلاول هائوس ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر آصف زرادري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نبيل گبول ۽ نادر اڪمل لغاري کانپوءِ نواز ليگ اڳواڻ عرفان الله مروت بلال هائوس ڪراچي ۾ آصف زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
آصف زرداري سان ملاقات کان اڳ عرفان الله مروت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شينهن مان بيزار ٿي چڪو آهي.
2 ڏينهن اڳ اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول ۽ گذريل ڏينهن اڳوڻي صوبائي وزير نادر اڪمل لغاري آصف زرادري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.
Tags Irfanullah Marwat meets Asif Zardari joins PPP PML-N leader Irfanullah Marwat likely to join PP
Check Also
شوال جو چنڊ نظر اچي ويو، عيدالفطر سڀاڻي سومر ڏينهن ٿيندي
ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) شوال جو چنڊ نظر اچي ويو آهي ، پاڪستان ۾ عيدالفطر …