
ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ، اڳوڻو صوبائي وزير حاجي مظفر شجراع ۽ پ پ ملير جو جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويا آهن، پ پ ترجمان اسلام آٻاد مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته، حاجي مظفر شجراع کي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. شميم نقوي چيو آهي ته حاجي مظفر شجراع جي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪراچي جي ٻهراڙين ۾ پارٽي مضبوط ٿيندي. ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي ڊويزنل صدر شميم نقوي سان گڏ اڳوڻي صوبائي وزير مظفر شجراع ۽ پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري قادر بخش بلوچ پريس ڪانفرنس ڪئي، ٻنهي اڳواڻن پريس ڪانفرنس دوران باقائده پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي فردوس شميم نقوي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ملير مان اهم شخصيتون پي ٽي آءِ شامل ٿيون آهن، مظفر شجراع، عبدالقادر بلوچ ۽ عبدالباري جيلاني کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. سندس چوڻ هو ته مظفر شجراع نرم دل ۽ ايماندار انسان آهي. جيڪو به ايندو آهي اهو نئين پاڪستان جو عزم ڪري ايندو آهي. ان موقعي تي مظفر شجرا چيو ته عزت جي خاطر پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو آهيان. محنت سان ڪم ڪندس، ڪرپشن خلاف عمران خان جي جدوجهد متاثر ڪندڙ آهي. عبدالقادر بلوچ چيو ته پ پ جي 10 ورهين جي دور ۾ سنڌ مسئلن جو ڳڙهه بڻجي وئي، هاڻي پ پ جي وَس جي ڳالهه ناهي ته اها سنڌ جا مسئلا حل ڪري سگهي، اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم پنهنجي نظريي تي هلندي سنڌ جا مسئلا حل ڪندو.
سنڌسماءَچار