جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳاري اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس / جي ڊي اي پاران نيٺ حتمي طور تي فيصلو ڪيو ويو آهي ته اتحاد ۾ شامل سموريون پارٽيون 2018 جون چونڊونه گڏيل پليٽ فارم تان وڙهنديون ۽ ان لاءِ چونڊ نشان به هڪڙو ئي استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳاري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني آحي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس 2018 جي چونڊن ۾ گڏيل اميدوار بيهاريندو ۽ اان لاءِ چونڊ نشان به هڪ ئي استعمال ڪيو ويندو. پيرپاڳاري اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي آهي ته جي ڊي اي جنهن جو هُو (پيرپاڳارو) سربراهه آهي، ان کي چونڊ نشان الاٽ ڪيو وڃي، جيئن ان نشان تحت جي ڊي اي جون سموريون پارٽيون ۽ انهن جا اميدوار اليڪشن وڙهي سگهن. ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته جي ڊي اي کي گلاب جي گل جو نشان الاٽ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو اڳ ۾ ئي فنڪشنل ليگ جو چونڊ نشان رهيو آهي.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *