Tuesday , April 1 2025
Breaking News

حيدرآباد واسڻ ميڊيڪل جي شاگردياڻي کي لاهور مان بازياب ڪرايو،چاهيون ٿا ته نورين واپس گهر وڃي معمول جي زندگي گذاري: ڊي جي آءِ ايس پي آر

NOOREEN NEW 1

پاڪ فوج  جي ترجمان  چيو آهي ته  حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور مان بازياب ڪرايو ويو، هوءَ شام نه وئي هئي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته، خواهش آهي ته نورين واپس گهر وڃي ۽ معمول جي زندگي گذاري. آءِ ايس پي آر پاران ميڊيا کي ڏنل بريفنگ دوران صحافين کي نورين جو وڊيو بيان پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ نورين چيو آهي ته کيس اغوا نه ڪيو ويو هو.

راولپنڊي ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته  حيدرآباد واسي شاگردياڻي نورين لغاري کي 14 اپريل تي لاهور مان بازياب ڪرايو. ميجر جنر آصف غفور بريفنگ ڏيندي چيو ته نورين ڪڏهن به شام نه وئي هئي، چاهيون ٿا ته  نورين گهر وڃي معمول واري زندگي گذاري.

بريفنگ دوران صحافين کي نورين جو وڊيو بيان پڻ ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ نورين چيو ته هو پنهنجي مرضي سان لاهور وئي هئي.

نورين پنهنجي  وڊيو بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هن کي اغوا نه ڪيو ويو هو، پر  کيس آپگهاتي حملي ۾ استعمال ڪيو وڃي ها.

نورين لغاري جو رڪارڊ ڪيل بيان ميڊيا کي ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ هن ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيوته هوءَ گذريل ڪيتري عرصي کان آپگهاتي بمبار بڻجڻ جي خواهش رکندي هئي.

Nooreen laghari3

نورين لغاري پنهنجي اعترافي بيان ۾ اهو به ئي رهي هئي ته، “ کيس پهرين اپريل تي ٻه آپگهاتي جيڪٽيس، 4 دستي بم ۽ ڪجهه گوليون به ڏنيون ويون هيون ۽ مونکي ايسٽر جي موقعي تي ڪنهن  چرچ ۾ آپگهاتي ڌماڪو ڪرڻو هو، پر ان کان اڳ ئي سيڪيورٽي فورسز سندن جاءِ تي ڇاپوو هڻي ڪارروائي ڪئي هن کي گرفتار ڪري ورتو”.

ان موقعي تي پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور چيو ته “ هي ويڊيو ڏيکارڻ جو مقصد هي آهي ته، نوجوان ۽ نئون نسل اسان جي طاقت آهي، جيڪڏهن اُهي نوجوان دهشتگردن جو نشانو بڻجي وڃن ٿا ته ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي”. ڊي جي آءِ ايس پي آر والدين کي پنهنجي اولاد تي نظر رکڻ جي تاڪيد به ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *