Monday , March 31 2025
Breaking News

حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ وارو، ايم اين اي رميش ڪمار ن ليگ کي ڇڏي پي ٽي آءِ جو ٿي ويو

اسلام آباد(رپورٽر   سنڌسماءَچار) موجوده اسيمبلين ۽ حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ / سج لهڻ وارو ٿيندي ئي نئين سج جي سلامي ڪندڙ نون ليگ جي اڳواڻ آکيرو تبديل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، ن ليگ جي پنجاب مان قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي ميمبرز پاران پارٽي ڇڏي پي ٽي آءِ سميت ٻين پارٽين ۾ وڃڻ وارو سلسلو اڃا رڪيو ناهي ته، ن ليگ سنڌ جي اڳواڻن ”اصولن ۽ ضمير جو سڏ“ ورنائڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ان ئي سلسلي ۾  نواز ليگ جي اقليتي ايم اين اي رميش ڪمار ن ليگ کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي. رميش ڪمار ن ليگ ڇڏي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪري نئين سياسي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

 رميش ڪمار اڃا تائين ن ليگ پاران کيس ڏنل ايم اين اي واري سيٽ تان استعيفيٰ ناهي ڏني. سندس ويجهن ذريعن ٻڌايو آهي ته رميش ڪمار ايم اين اي شپ تان استعيفيٰ نه ڏيندو، ڇو ته اسيمبلين ۾ باقي 2 مهينا بچيا آهن انڪري ٻن مهينن دوران پگهار ۽ ٻيا الائونسز حاصل ڪندو رهندو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *