حڪومت مولانا فضل الرحمان کي سوڙهو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، سندس ويجهو ساٿي گرفتار

پشاور (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اپوزيشن جي اهم اڳواڻ مولانا فضل الرحمان خلاف ڪارروايون تيز ٿي ويون، حڪومت کيس سوڙهو ڪرڻ لڳي، فضل الرحمان جو ويجهو ساٿي موسيٰ خان بلوچ نيب هٿان گرفتار. نيب پشاور مولانا فضل الرحمان جي ويجهي ساٿي موسيٰ خان بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب جي جاچ ٽيم موسيٰ خان کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ به حاصل ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽس مطابق نيب اڳوڻي ڊي ايف او ۽ مولانا فضل الرحمان جي ويجهي ۽ بااعتماد دوست موسيٰ خان خان کي 22 سيپٽمبر اڱاري ڏينهن رات جو دير سان گرفتار ڪيو هو، جنهن جي گرفتاري  23 سيپٽمبر ڏيکاري وئي هئي ۽ اڄ 24 سيپٽمبر تي کيس احتساب عدالت پشاور ۾ پيش ڪري سندس رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

آءِ بي اي سکر – ايس ٽي ايس بااعتماد ادارا، خدشا ۽ مختصر صلاح-اصغر آزاد

آءِ بي اي سکر – ايس ٽي ايس بااعتماد ادارا، خدشا ۽ مختصر صلاح-اصغر آزاد …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *