اسلام آباد ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) اتحادي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جو صدر عارف علوي آمهون سامهون ٿي ويا، صدر عارف علوي حڪومت پاران مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، صدر جي انڪار کانپوءِ وفاقي ڪابينا فنانس بل منظوري ڪري ورتو، ٽيڪس بل 2023 اڄ ئي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. حڪومتي سمري ملڻ کانپوءِ صدر عارف علوي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس سڏائي ورتا آهن، قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند جو ساڍي ٽين وڳي ۽ سينيٽ جو اجلاس ساڍي چئين وڳي ٿيندو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل پيش ڪيو ويندو. بل پيش ڪرڻ بعد سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ناڻي واري وزارت جي اسٽينڊنگ ڪميٽين ڏانهن اماڻيا ويندا. حڪومت مني بجيٽ 16فيبروري تائين ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائڻ کانپوءِ بل صحيح لاءِ صدر عارف علوي ڏانهن موڪلي ڇڏيندي.
Tags Alvi Alvi Arf Arif Arif Alvi President Arif Alvi حڪومت ۽ صدر عارف علوي آمهون سامهون، صدر پاران آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …