Monday , March 31 2025
Breaking News

خانو نوحاڻي جي گرفتاري جي ڪهاڻي…!!

Tania khaskheli 01

سنڌسماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب جوابدار خانو نوحاڻي سنڌ جي نياڻي تانيا خاصخيليءَ کي قتل ڪرڻ بعد پهريان ڄامشوري جي هڪ بااثر وٽ پهچي کيس معاملي مان جان آجي ڪرائڻ جو چيو، جوابدار جيئن ته ان بااثر شخص جي جو پري جو مائٽ به، انڪري هن کيس بلوچستان ڀڄائي ڇڏيو. ذريعن موجب جوابدار بلوچستان فرار ٿي اُتي جي هڪ انتهائي بااثر ۽ طاقتور حڪومتي شخصيت وٽ پناهه ورتي، جنهن کيس بچائڻ لاءِ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت سان راابو ڪيو. سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب سنڌ پوليس پاران مختلف ذريعن سان جوابدار حوالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو. ان دوران بلوچستان جي ان شخصيت جوابدار کي 10 ڏينهن   تائين پناهه ڏني. بلوچستان جي ان بااثر ۽ انتهائي طاقتور حڪومتي شخص سنڌ جي ڪجهه سرڪاري ۽ شخصيتن ۽ ڪجهه بيوروڪريٽس جي ضمانت تي جوابدار خانو نوحاڻي کي سنڌ پوليس جي حوالي ڪيو.

سنڌ جي نياڻي شهيد تانيا خاصخيليءَ کي بااثر ۽ ڏوهاري شخص خانو نوحاڻي شادي کان انڪار ڪرڻ تي ڏيڍ هفتو اڳ جهانگارا ۾ گهر ۾ گهڙي سندس ابي امڙ آڏو گولين جو مينهن وسائي انتهائي بيدرديءَ سان شهيد ڪري ڇڏيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *