خانپورمهر: گندي پاڻي جي نيڪال وارو نظام تباهه، گندو پاڻي گهر ۾ ڪاهي پيو

خانپور مهر:

خانپور مهر ۾ ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿي وڃڻ سبب گندو پاڻي رستن تي بيهجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
شهر جو ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿيڻ جي نتيجي ۾ شاهي بازار، ٺڪراٺو اسٽينڊ، ميراڻي پاڙو، جامع مسجد پاڙو ۽ شڌاڻي مندر سميت ٻيا علائقا گندي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن.
شهرين نوشاد ملاح، دودو خان، صوفي لنجواڻي، منٺار رضا ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ٽائون ڪميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.
هنن چيو ته گندگي سبب رستن تان گذرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي جو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

About

Check Also

ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن، من پسند ڪامورا اضافي عهدن تي ويٺل

ڪراچي ( رپورٽ: رحمان ملڪ   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ايگريڪلچر بيورو اينڊ سپلاءِ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪرپشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *