ڪراچي (چيف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ خانگي اسڪولن جي تنظيم جي اڳواڻن سنڌ حڪومت پاران تعليمي ادارا 23آگسٽ بدران 30 آگسٽ تي کولڻ واري اعلان کي ٿڏي ڇڏيو، سومر کان سڄي سنڌ ۾ اسڪول کولڻ جو اعلان.خانگي اسڪولن جي تنظيمن جي اتحاد گرينڊ الائنس آف پرائيويٽ اسڪولز ايسوسيئيشن جي ڪنوينر عليم قريشي ۽ ٻين اڳواڻن پاران جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته، سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ اسڪول وڌيڪ هفتو بند رکڻ واري فيصلي کي نٿا مڃون. هن چيو ته سنڌ ۾ سمورا خانگي تعليمي ادارا ويڪسين ٿيل اسٽاف سان 23 آگسٽ کان کوليا ويندا، حڪومت رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش نڪري. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسڪول کولڻ تي اسان خلاف ڪارروائي ڪئي ته تعليمي ادارا کليل رکنداسين ۽ اسان پاڻ گرفتاري به ڏئي سگهون ٿا.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …