سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه جي شهر پراڻي سکر جا غريب مريض وڏي عرصي کان دوائن لاءِ سرڪاري ڊسپينسري جا چڪر ڪاٽيندا رهيا، دوائون الاماڙين جي زينت بڻيل رهيون ۽ نيٺ مدي خارج ٿي ويو پر، صحت کاتي جي ڪن تي جونءَ به نه چُري. پراڻي سکر واري علائقي جي هڪ سرڪاري ڊسپينسري ۾ پيل دوائن جو مدو ختم ٿي ويو، پر اهي غريب مريضن کي نه ملي سگهيون،عملي پاران مدي خارج دوائون ساڙڻ دوران صحافين جي پهچڻ تي ڊسپينسري جو عملو موقعي تان فرار ٿي ويو. پراڻي سکر واري علائقي ۾ قائم سرڪاري ڊسپينسري فاطمه الزهرا ۾غريب مريضن لاءِ آيل دوائون انتظاميا مريضن کي ڏيڻ بدران اسٽور ۾ رکي ڇڏيون، جيڪي مدي خارج ٿي ويون. علائقي واسين موجب ڊسپينسري انتظاميا جي لاپرواهي سبب دوائون مريضن کي ملڻ بدران مدي خارج ٿي ويون. هنن مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …