هنگو(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيبر پختونخاوه صوبي جي ڪلايا بازار ۾ امام بارگاهه سان ٿيل بم ڌماڪي ۾ 30 شهري مارجي ويا ۽ 42 زخمي ٿي پيا، ميڊيا رپورٽس مطابق، اورڪزئي ضلعي جي مصروف علائقي ڪلايا بازار ۾ امام بارگاهه ڀرسان صبح جي وقت ٿيو، جنهن ۾ 30 شهري مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت بازار ۾ ماڻهن جي رش هوندي آهي، پر جمعي جو ڏينهن هجڻ ڪري اڪثر دوڪان بند هئا؛انڪري جاني نقصان گهٽ ٿيو آهي. مقامي انتظاميه جو چوڻ آهي ته، ڌماڪي کانپوءِ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. سيڪيورٽي فورسز به واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچنگ شروع ڪري ڇڏي آهي.
Check Also
سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق
ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …