خيرپور پوليس صحافي خان محمد سميت 25 ڄڻن خلاف ڪيس داخل،دهشتگردي ايڪٽ شامل

خيرپور (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) خيرپور پوليس ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي رپورٽر ۽ سينئر صحافي خان محمد، سندس ٻن پٽن ۽ هڪ ڀاڻيجي سميت 25 ڄڻن خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم ڊي آءِ جي خادم رند جي هدايتن تي شامل ڪيا ويا آهن. ڪيس داخل ٿيڻ بعد خيرپور پريس ڪلب جو هنگامي اجلاس طلب ڪري معاملي جو تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو يو ويو.

ڪي ٽي اين نيوز ۽ ڪاوش جي رپورٽر خان محمد تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف  مختلف صحافي تنظيمن طرفان احتجاج ڪيو ويو. صحافي  اڳواڻن جو چوڻ آهي ته خيرپور جي ٻن صحافين  وچ  ۾  تڪرار جي خاتمي بعد ڊي آءِ جي سکر خادم رند جي حڪم تي ڪيس داخل ڪرڻ مذمت جوڳو عمل آهي.هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڪيس ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *