دادود ۾ ڏاڍن مڙسن جي اسڪول تي چڙهائي، استاد کي مارڪٽ

دادو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) دادو جي جوهي واري علائقي ۾ بااثر ڏاڍن مڙسن ڳوٺ بري جي پرائمري اسڪول تي ڪاهه ڪري استاد کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن دوران اسڪول ۾ موجود ٻارڙا هيسائجي گهر هليا ويا. متاثر استاد امين لغاري جو چوڻ آهي ته، بااثر ڏاڍن مڙسن باقر ۽ سهراب لغاري اسڪول ۾ معصوم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سامهون کيس تشدد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته جوابدارن پاران تشدد جي نتيجي ۾ معصوم شاگرد به هيسائجي ويا جيڪي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي هليا ويا. هن الزام مڙهيو ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتس ته ڳري رشوت گهري وئي، پئسا نه هئڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن تعليم کاتي توڙي سنڌ سرڪار استاد تي حملي جو نوٽيس ناهي ورتو.

About

Check Also

وونئڻن جي جي پوکي80 سيڪڙو گهٽجي وئي،1000جننگ فئڪٽريون بند ٿي ويون: شام لال/ڊاڪٽر جيسو م

سنڌ سميت پاڪستان ۾ حڪومتي جي بي ڌياني، ٽئڪسز ۽ جعلي ٻج سبب وونئڻن جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *