Tuesday , April 1 2025
Breaking News

دهشتگرد سنڌ ۾غربت جو فائدو وٺي سهولتڪار خريد ڪن ٿا:آغا سراج دراني

 siraj dueani1
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني سنڌ ۾ غربت جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته، افغانستان ۽ ٻين علائقن جا دهشتگرد غربت جو فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض سهولتڪار خريد ڪندا آهن.
سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دران اهڙو اظهار نئين ديري پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
سنڌ اسميبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني نئين ديري پهچي سيوهڻ سانحي جي شهيدن بشير کهڙو ۽ پيرل خاصخيلي جي وارثن سان تعزيت ڪئي، پريس ڪلب آڏو ڏيئا ٻاري شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ ۾ دهشتگردن جي ڪا به پناهگاهه يا نرسري نه آهي، پر افغانستان ۽ ٻين صوبن جا دهشتگرد هتي اچي ماڻهن جي غربت جو فائدو وٺي ڏوڪڙن عيوض سهولتڪار خريد ڪن ٿا.
هن چيو ته سيوهڻ ڌماڪي بعد مختلف درگاهن کي جي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سنڌ اسيمبلي کي به سيڪيورٽي ٿريٽ آهن، مون کي به اڻ ڄاتل نمبرز تان ڌمڪين جا پيغام ۽ فون آيا آهن.

siraj dueani2
آغا سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ لاءِ آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کان به مدد گهري آهي.
هن چيو ته سيوهڻ سانحي بعد وزير اعظم سيوهڻ ته آيو پر ريسٽ هائوس ۾ اجلاس ڪري اتان ئي واپس هليو ويو، قلندر لال شهباز جي مزار تي به حاضري نه ڀري……

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *