

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار ) اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرنز) جي سرباراهه آصف زرداري پاران، ملير جي معطل ۽ قتل ڪيس جي جوابدار رپورش ايس ايس پي رائو انوار کي ”بهادر ٻار/ ٻچو“ قرار ڏيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. پي ٽثي آءِ جي ايم پي اي خرم شير زمان پاران سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي رائو انوار بابت بيان جي مذمت ڪئي وئي آهي. خرم شير زمان طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر جعلي پوليس مقابلي ۾ معصوم شهرين کي قتل ڪندڙ اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي بهادر ٻچو قرار ڏئي وارثن جي دل آزاري ڪئي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته رائو انوار نقيب الله محسود جعلي پوليس مقابلي ڪيس ۾ روپوش آهي، اهڙي شخص کي بهادر ٻچو قرار ڏيڻ قانون جي ابتڙ برابر آهي جنهن جي اسيمبلي کي مذمت ڪرڻ گهرجي.
سنڌسماءَچار