راڄو خاناڻي پوليس پورهيت کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو

راڄو خاناڻي پوليس جي گرفتار پورهيت بابت تفصيل وٺڻ لاءِ پهتل صحافين سان بدتميزي، موبائل فون به ڦر

تلهار( رپورٽ: منور لاشاري    سنڌسماءَچار) راڄوخاناڻي پوليس مبينا طور چرس رکڻ جي الزام هيٺ هوٽل تي بيراگيري ڪري پيٽ پالينمدڙ پورهيت کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو، پوليس پورهيت کي ڏنڊا ٻيڙيون هڻي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو. راڄو خاناڻي پوليس هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت مشتاق خاصخيلي کي مبينا طور تي چرس رک ڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪرڻ بعد ڏنڊا ٻيڙيون هڻي لاڪ ب دران ٿاڻي جي ڪمري ۾ ويهاري ڇڏيو. صحافي جڏهن پورهيت جي گرفتاري جا تفصيل وٺڻ ٿاڻي تي پهتا ته راڄوخاناڻي پوليس جي اهلڪارن ميڊيا جي نمائندن سان مبينا طور بدتميزي ڪري کين ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽر امين نظاماڻي کان موبائيل فون ڦري رڪارڊ ڪيل وڊيو به ڊليٽ ڪري ڇڏي ۽ صحافين کي اگرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. پوليس جي اهڙي روئي خلاف راڄوخاناڻي جي صحافين عوامي پريس ڪلب جي صحافين آڏو احتجاج ڪندي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن کي خطاب ڪندي صحافين  امين نظاماڻي جنيد ٽالپر  ونود ڪمار   عطر ڪمار  سفير نظاماڻي ڀشم ڪمار ۽ ٻين پوليس جي اهڙي روئي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

ستاويهين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو، نوان صوبا، اين ايف سي آرٽيڪل 243 ۾ ترميمن جو حصو

ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *