Tuesday , April 1 2025
Breaking News

راڻا مشهود جو بيان غير ذميواراڻو ۽ بي بنياد آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور باجوا، ن ليگ اڳواڻ پاران ن ليگ جي اڳواڻ راڻا مشهود جي پنجاب حڪومت بابت ڏنل بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اهڙا غير ذميواراڻا رويا ملڪي استحڪام کي نقصان پهچائيندا. ميجر جنرل آصف غفور سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو ته موجب راڻا مشهود جو بيان بي بنياد ۽ افسوس ناڪ آهي. واضح رهي ته راڻا مشهود دعويٰ ڪئي هئي ته ن ليگ سان اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن جا معاملا گهڻي حد تائين درست ٿي ويا آهن، ادارن جي ٿنڪ ٽينڪ کي احساس ٿي رهيو آهي ته شهباز شريف وزيراعظم لاءِ بهتر چوائس آهي. هن چيو هو ته ايندڙ ٻه مهينا اهم آهن ۽ پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هوندي.

راڻا مشهود جي بيان تي پي ٽي آءِ، ن ليگ سميت پنجاب جي سياست ۾ ٻڙڌڪ پئجي ويو

 

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *