Tuesday , April 1 2025
Breaking News

”رشوت ٿا وٺو“ ٺل پوليس، سي آءِ اي اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

”رشوت ٿا وٺو“ ٺل پوليس، سي آءِ اي پوليس جي ٻن اهلڪارن کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

ٺل(سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺل پوليس ڪارروائي ڪري پنهنجي پٽي ڀائين کي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ ٻن اهلڪار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي، گرفتار اهلڪارن جو چوڻ آهي ته هُو اڻرجسٽرڊ گاڏين خلاف ڪارروائي پي ڪئي ته پوليس کين ٻڌي ڇڏيو. ٺل پوليس باءِ پاس واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري سي آءِ اي پوليس جي ٻن اهلڪارن کي گاڏين وارن کان رشوت وٺڻ  جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، گرفتار اهلڪارن کي اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ بند ڪيو ويو آهي. اي سيڪشن پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽرز جي شڪايت تي سي آءِ اَي جي ٻن اهلڪارن اصغر بنگلاڻي ۽ احسان چنو کي گرفتار ڪيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٽرانسپورٽرز پاران رشوت بابت شڪايت ڪرڻ بعد ايس ايس پي جيڪب آباد جي حڪم تي ٻنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ايس ايس پي سي آءِ اَي ٽو ٺل جي ساڳي الزام ۾ 9 اهلڪارن کي معطل به ڪري ڇڏيو ۽ سي آءِ اي ٽو کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *