Monday , March 31 2025
Breaking News

روشن خيالي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

سوات (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان روشن خيالي کي مڪمل طور تي رد ڪندي چيو آهي ته، اسان اسلامي روايتن جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسانکي انتهاپسند قرار ڏنو وڃي ٿو. جي يو آءِ جي سربراهه سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪا جڏهن افغانستان تي حملو ڪيو هو ته قومپرستن آمريڪا جو ساٿ ڏنو ۽ اسان کي اهو مهڻو ڏنو ويو ته اسان طالبان جا ساٿي ۽ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. فضل الرحمان چيو ته اسان روشن خيالي کي رد ڪيون ٿا، ان کي قبول نه ٿا ڪيو، ڇو ته جڏهن اسان اسلامي روايتن جي ڳالهه ڪندا آهيون ته اسان کي انتهاپسند هنجڻ جو مهڻو ڏنو ويندو آهي. اسان سدائين معصوم انسانن جي قتل عام جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته ڪرپٽ سياستدانن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، اسان اهڙي ڪنهن به تحريڪ جي حمايت نه ڪنداسين، جيڪا آئين ۽ قانون کان ٻاهر هجي. سندس چوڻ هو ته اسان کي اولهه جي فلسفي واري سياست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، جڏهن اسان اسلام جي ڳالهه ڪندا آهيون ته جاهل چيو ويندو آهي، باعزت عورتن کان رَوا کسڻ آزادي ناهي.

About Asghar Azad

Check Also

سياسي ۽ عسڪري قيادت جو نيشنل ايڪشن پلان تي ڀرپور نموني عمل ڪرڻ تي اتفاق

ملڪ ۾ دهشتگردي، خارجين ۽ ادارن سميت اهم قومي معاملن خلاف پروپئگنڊا خلاف نيشنل ايڪشن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *