”روٽي،ڪپڙا اور مڪان“ ڇا غريبن کي پڪوڙا به نصيب نه ٿيا: نويد قمر جي جلسي ۾ جيالي جو خطاب

ٽنڊو محمد خان ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ۽ اين اي 228 تي پ پ اميدوار سيد نويد قمر کان تڪ جي ووٽرز پاران پڇاڻو تيز ٿيندو پيو وڃي، ڳوٺ جهنگ ڪاتيار ۾ نويد قمر جي چونڊ گڏجاڻي دوران هڪ جيالي نويد قمر کي ماضي ياد ڏياريندي چيو ته، جڏهن آبادگار ڪمند جي اگهن لاءِ احتجاج ڪري رهيا هئا ته نويد قمر صاحب اوهان ڪٿي هئا. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي جيالي وڌيڪ چيو ته، جڏهن به مسئلن لاءِ احتجاج ڪيو ته اوهان ڪٿي به نظر نه آيا ۽ ه ئي ڪڏهن پڇيو. هن چيو ته، شهيد ذولافقار علي ڀٽو روٽي، ڪپڙا اور مڪان جو نعرو هنيو ۽ اهي مهيا ڪرڻ جو وعدو ڪيو، پر افسوس آهي ته اڄ تائين ته غريبن کي پاڪوڙان به ناهن مليا.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *