Saturday , December 21 2024

ساوند_سندراڻي تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي ڇهه ڪروڙ36لک رپيا ڏنڊ مقرر

چونڊيل نمائندن، پوليس ۽ انتظاميا جي نگراني ۾ توهين عدالت؛ ساوند_سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل دهشتگردي جو جرڳو

گهوٽڪي / خانپور مهر ( خاص نمائندا   سنڌسماءَچار) خانڳڙهه ۾ سنڌ پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل عوامي نمائندن جي موجودگيءَ ۾ توهين عدالت، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي ابتڙ ساوند ۽ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڪارنهن معاملي تان دهشتگرد ڪاررواين دوران شهيد ٿي ويل پروفيسر اجمل ساوند سميت 30 خونن ۽ چاليهه زخمين جو جرڳو، علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڏنڊ مقرر.

گوهر پئليس ۾ عدالتي فيصلي خلاف ٿيل جرڳي ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه، ايم اين اي غوث بخش مهر، عابد جتوئي، جلال ڪلپر بگٽي، شهيد پروفيسر اجمل ساوند جو ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند، عابد سندراڻي ڊاڪٽر علي نواز ساوند، احسان خان سندراڻي، رئيس عبدالسبحان ساوند، مير اسرار خان سندراڻي سميت ٻنهي برادرين جي رئيسن، مقدمن ۽ چڱن مڙسن سميت ٻين به شرڪت ڪئي. جرڳي کان هڪ ڏينهن اڳ کان گوهر پئليس، خانڳڙهه ۽ ڀرپاسي ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.

ٻنهي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد سرپئنچ علي گوهر مهر جرڳي ۾ ڪيل فيصلو ٻڌايو.  جرڳي ۾ ساوند ڌر جا سندراڻين واري ڌر مٿان شهيد پروفيسر اجمل ساوند جي خون سميت13ماڻهن کي قتل ۽ 12 ڄڻن کي زخمي ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف؛ علي گوهر مهر جي پنهنجي سرپئنچي هيٺ ڪيل جرڳي جي فتويٰ ٻڌائيندي چيو ته، جرڳي ۾ سندراڻين تي ساوندن جا تيرنهن ماڻهو قتل ڪرڻ ۽ 12 زخمين جو ٽَي ڪروڙ ايڪويهه لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪجي ٿو. جرڳي جي فتوا موجب ساوندن واري ڌر مٿان سندراڻين جا يارنهن ماڻهو قتل ڪرڻ ۽ 8ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مٿن ٽَي ڪروڙ پندرنهن لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو آهي. جرڳي جي فتوا ۾ چيو ويو ته پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي خون بَها هڪ ڪروڙ رپيا، سندس گاڏي کي نقصان پهچائڻ جو11لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.

شهيد اجمل ساوند جي قتل خلاف سنڌ جون سڄاڻ ڌريون، سياسي سماجي تنظيمن سميت زندگيءَ جي هرشعبي سان واڳيل ماڻهن سخت احتجاج ڪيو هو، فيس بڪ ۽ ٽويٽر سميت سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي به ڀرپور آواز اٿاريون ويو هو، پر ان جي باوجود به پوليس شهيد اجمل ساوند جا اصل قاتل ۽ سهولتڪار گرفتار نه ڪيا ۽ نيٺ معاملو جرڳي ذريعي نبيريو ويو، جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هڪ فيصلي خلاف آهي، جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جرڳن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو هو، ان ئي فيصلي ۾ عدالت ڄاڻايو هو ته اڄ کانپوءِ ڪو به جرڳو توهين عدالت هوندو.

ياد هجي ته ساوند ۽ سندراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل قبيلائي دهشتگردي ۾ پروفيسر اجمل ساوند، ايڊووڪيٽ نور الاهي سندراڻي، بئنڪر جان محمد سندراڻي، مختيارڪار غوث بخش ساوند، بهرام ساوند ۽ معصوم ٻارڙي بشرا ساوند سميت ٻيا گولين جو کاڄ بڻيا هئا، جڏهن ته لڳ ڀڳ چاليهه ماڻهو زخمي به ٿيا هئا.

قبيلائي ۽ ڪاروڪاري تڪرارن جا جرڳا؛ چيف جسٽس سنڌ، توهين عدالت جو نوٽيس وٺي _اصغر آزاد

About admin

Check Also

سنڌ ڪابينا جو ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت عدالتي حڪم جي ابتڙ منظوري

سنڌ ڪابينا،ڪارونجهر کي ثقافتي ورثي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *