ستاويهين آئيني ترميم، صدر مملڪت جي سپريم ڪمانڊر واري حيثيت، هٿياربندن فوجن جا سربراهه مقرر ڪرڻ جي اختيارين ۾ ترميمن جو حصو هوندي
ستاويهين آئيني ترميم ذريعي هر صوبي کي ورهائي وڌيڪ 3-3 نوان صوبا ۽ ملڪ ۾ مجموعي طور 12 نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ترميم به شامل آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به صوبي کي ٽوڙي نئون صوبو/صوبا قائم ڪرڻ به ترميم جو حصو آهي، جنهن جو ذڪر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽويٽ ۾ ڄاڻي واڻي ناهي ڪيو، جيڪو معاملو وري پيپلزپارٽي جي ڪنهن ٻئي اڳواڻ کان ميڊيا تي آندو ويندو“: سنڌسماءَچار جا ذريعا
ڪراچي ( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت 27هين آئيني ترميم آڻڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جو تحفظ ختم ڪرڻ، آرٽيڪل 243 ۾ ترميم، آ؟يني عدالت، ججن جي مقررين بدلين ۽ ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي بحالي ترميمن جو حصو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 12 نوان صوبا قائم ڪرڻ به ترميمن ۾ شامل آهي. وفاقي حڪومت آ؟ين ۾ 27هين ترميم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آحآي، اهڙي تصديق پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڪري ڇڏي آهي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايڪس پيغام ۾ چيو آهي ته “وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ ن ليگ جو وفد صدر آصف زرداري ۽ مون سان ملڻ آيو هو، ن ليگ جي وفد 27هين آئيني ترميم منظور ڪرائڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي کان حمايت گهري هئي“. بلاول ڀٽو زرداري ايڪس / ٽويٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ” پيپلزپارٽي 27هين آئيني ترميم جي حمايت واري معاملي بابت پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي / سي اِي سي جو اجلاس صدر آصف زرداري جي دوحا جي دوري تان واپسي بعد 6 نومبر تي گهرايو آهي، جنهن ۾ هن معاملي تي غور ڪري پارٽي جي پاليسي جو فيصلو ڪيو ويندو“.

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته 27هين ترميم ۾ ” اين ايف سي ۾ صوبن جي حصي جي تحفظ جو خاتمو، تعليم ۽ آبادي جي منصوبابندي وارا اختيار صوبن کان واپس وٺڻ ۽ اليڪشن ڪميشن جي مقرري تي جاري تعطل ختم ڪرڻ شامل آهي. 27هين آئيني ترميم ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽس جي بحالي ۽ ججن جي مقررين ۽ بدلين جا اختيار شامل آهن“. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽويٽ بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته، ” آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪرڻ به 25هين آئيني ترميمن جو حصو آهي“.
27هين آئيني ترميم جي سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، هن ترميم ۾ هر صوبي کي ورهائي وڌيڪ 3-3 نوان صوبا ۽ ملڪ ۾ مجموعي طور 12 نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ترميم به شامل آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به صوبي کي ٽوڙي نئون صوبو/صوبا قائم ڪرڻ به ترميم جو حصو آهي، جنهن جو ذڪر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽويٽ ۾ ڄاڻي واڻي ناهي ڪيو، جيڪو معاملو وري پيپلزپارٽي جي ڪنهن ٻئي اڳواڻ کان ميڊيا تي آندو ويندو“.
سنڌسماءَچار