Monday , April 28 2025

سرهاڙي ريل حادثو؛ 28 فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي، اڪثريت سنڌ واسين جي

نوابشاهه(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سرهاڙي ٽرين حادثي ۾ 28 فوتين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل، سڃاڻپ ٿيندڙ 28 مسافرن ۾ اڪثريت سنڌ واسين جي آهي. سرهاڙي ويجهو ريل گاڏي جي حادثي ۾ فتويل مسافرن ۾ ٽنڊو آدم واسي هڪ ئي ڪٽنب جي ٽِن عورتن سميت 7 ڄڻا فوت، فوتين ۾ سعيدا، سائرا، رحيم، ٻن سالن جي سوها، غلام صغران، رضيا عبدالرزاق، 15 سالن جي حسينا، سانگهر واسڻ نائلا، نسرين، خير محمد، سنجهورو واسي محمد شريف حادثي ۾ فوت، شهدادپور واسي شريفان بيبي، ياسر، ٽنڊو الهيار واسڻ زبيدا، شهيد بينظير آباد واسي منصور علي، انيتا، ايان پُٽ علي خان، عاليه فوتين ۾ شامل، گهوٽڪي واسي مسمات سگهڙ، امير چند، صادق آباد واسي نور الدين پُٽ، ملتان واسي شازيا پروين، رحيم يار خان واسي عاقل زادي، سائنڻ خاتون، عبدالرحمان، ٻن سالن جو رحيم بخش ۽ ٻن ورهين جي سونهن به فوتين ۾ شامل.

About admin

Check Also

”پيپلزپارٽي ڪا جنازا هئ، ذرا ڌوم سي نڪلي“: سينيئر وڪيل ڪامريڊ شبير شر

” پيپلزپارٽي وارن جيڪا ڪوڙي، جعلي ۽ نقلي پريس ڪانفرنس ڪئي، اڄ هي ان تي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *