سنڌسماچار جي ڪراچي واري خصوصي نمائندي جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ سنڌ سرڪار کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته، سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ ٻين ملازمن جي حاضري کي يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو وڃي. عدالت 18 هين گريڊ جي ڊاڪٽرن جي 19 هين گريڊ ۾ ترقيون ڏيڻ وارو عمل ٻن مهينن اندر مڪمل ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جسٽس مشير عالم، جسٽس مقبول باقر ۽ جسٽس فيصل عرب تي ٻڌل 3 رڪني بئنچ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن کي گريڊ 18 کان گريڊ 19 ۾ ي ترقي نه ڏيڻ ۽ رٽائر ملازمن کي سهولتون نه ڏيڻ جي حوالي سان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمري عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته ڊي پي سي ٿي چڪيون آهن، جنهن جون سفارشون وڏي وزير کي اماڻيون ويو آهن. 5 هزار کا وڌيڪ ڊاڪٽرن جي تصديق جو عمل جاري آهي مهلت ڏني وڃي. درخواست گذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گريڊ 20 ۾ ترقي جي منتظر 42 ڊاڪٽرن مان 15 رٽائر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته عدالت 3 سال اڳ ڊاڪٽرن جي ترقي جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي اڃا تائين عمل ناهي ڪيو ويو. عدالت گريڊ 18 ۽ 19 جي ڊاڪٽرن جي ترقي جو عمل ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ رٽائرڊ ٿي ويل ڊاڪٽرن کي مراعتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت اسپتالن ۾ بائيوميٽرڪ سسٽم لڳائڻ ۽ غير حاضر ڊاڪٽرن خلاف پڻ ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.
Tags سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ بائيو ميٽرڪ سسٽم لڳايو:سپريم ڪورٽ صحت کاتي جي ڊاڪٽرن، حاضري يقيني بڻائڻ لاءِ، بائيو ميٽرڪ نظام
Check Also
اڳوڻو صوبائي وزير ميرغالب ڊومڪي ڌاڙيلن جي حملي ۾ گهر واري سميت زخمي، 2 محافظ مارجي ويا
خانپور جي فيضو لاڙي واري علائقي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مير غالب خان ڊومڪي تي …