رياض ( سنڌسماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سعودي حڪمرانن ملڪ اندر سئنيمائن تان پابندي هٽائڻ بعد سيا حن کي به ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سعودي عرب عُمرَي جي ادائگي بعد زائرين کي سياحتي ويزا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سياحتي ويزا جو عرصو وڌ ۾ وڌ هڪ مهينو هوندو. جِدَي جي سياحتي ۽ ثقافتي ورثي جي ڊائريڪٽر محمد العماري هڪ پڌرائي ۾ چيو ته سڄي دنيا سان تعلق رکندڙ مسلمان عُمرَي بعد سياحتي ويزا به حاصل ڪري سگهن ٿا. ٻئي طرف سعودي ڪميشن جي چيئرمين شهزادَي سلطان بن سلمان چيو ته پهرين مرحلي ۾ 65 ملڪن کي اهڙي اجازت ڏني وئي آهي، ٻين ملڪن کي اجازت ڏيڻ جي حوالي سان بعد ۾ اعلان ڪيو ويندو.
Check Also
پاڪ – ايران گئس پائيپ لائين؛ پاڪستان کي ايران جو آخري نوٽيس
پاڪستان؛ آمريڪي پابندين سبب پاڪ ايران گئس پائيپ لائن منصوبي تي عمل نه ڪيو، هاڻي …