Saturday , February 22 2025

سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت

سموري سنڌ جيان ڪراچي شهر ۾ قهر جي گرمي،24 ڪلاڪن ۾ 90 ماڻهو فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سموري سنڌ جيان راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ گذريل ٽين ڏينهن کان پارو چوٽ چڙهيل آهي، مختلف سماجي تنظيمن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته گذريل24ڪلاڪن دوران مختلف سرد خانن ۾ 90 لاش آندا ويا آهن. ڪراچي ۾ سخت گرمي ۽ سامونڊي هوائون بند هجڻ ڪري ٻوسٽ ۽ تاءُ تمام گهڻو محسوس ڪئي پئي وڃي. ڪراچي ۾ سترهين جولاءِ تي پارو42سينيٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي، سامونڊي هوائون بند هجڻ ڪري ٻوسٽ ۽ تاءُ سبب گرمي50سينيٽي گريڊ کان وڌيڪ محسوس ڪئي وئي، سخت گرمي باوجود شهر جي اڪثر علائقن ۾ لوڊشيڊنگ به شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي سکر، لاڙڪاڻو، ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به سخت گرمي سبب ماڻهو پريشان آهن. سخت گرمي باوجود زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي تمام گهڻي کوٽ زراعت ۽ عام زندگي متاثر ڪري ڇڏي آهي.

About admin

Check Also

ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق

حيدرآباد (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *