سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران زور وٺي ويو، سامونڊي پٽي سميت سمورن ڳوٺاڻن وارن علائقن ۾ انسان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان، جانور اڃ مرڻ لڳا. سنڌو درياءَ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڏڪار واري صورتحال ڊڪليئر ڪئي وئي آهي،پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ بيٺل فصل ۽ سايون ڀاڄيون سُڪي رهيون آهن، هاري ۽ آبادگار مندائتا فصل پوکڻ کان لنوائي رهيا آهن ته ڪٿي سندن خرچ ئي ٻڏي نه وڃي. دريائي پاڻي جي سخت کوٽ جي نتيجي ۾ جر به کارو ٿي ويو آهي، جتي جر جو پاڻي مٺو آهي ان جي سطح تيزيءَ سان هيٺ ٿي رهي آهي.
ٺٽو / ڪراچي ( خاص نمائندو/نمائندن وٽان سنڌسماءَچار) سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو بحران زور وٺي ويو، سامونڊي پٽي سميت سمورن ڳوٺاڻن وارن علائقن ۾ انسان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان، جانور اڃ مرڻ لڳا. سنڌو درياءَ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي جي کوٽ کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران ڏڪار واري صورتحال ڊڪليئر ڪئي وئي آهي،پاڻي جي کوٽ جي نتيجي ۾ بيٺل فصل ۽ سايون ڀاڄيون سُڪي رهيون آهن، هاري ۽ آبادگار مندائتا فصل پوکڻ کان لنوائي رهيا آهن ته ڪٿي سندن خرچ ئي ٻڏي نه وڃي. دريائي پاڻي جي سخت کوٽ جي نتيجي ۾ جر به کارو ٿي ويو آهي، جتي جر جو پاڻي مٺو آهي ان جي سطح تيزيءَ سان هيٺ ٿي رهي آهي.
ٺٽي ضلعي جي ڳوٺن خاص طور تي سامونڊي پٽيءَ ۾ مرد، عورتون توڙي ٻار ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن، متاثر ماڻهن جو چوڻ آهي ته پيئڻ لاءِ به پاڻي نٿو ملي، سخت پريشانين جو شڪار آهيون، فوري طور مٺو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سموري سنڌ ڪيترن ئي مهينن کان سراپا احتجاج بڻيل آهي، روزاني جي بنيادين تي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کانپوءِ ڳوٺن ۾ به احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون پيون وڃن. سڪرنڊ ۾ تڪراري ڪينالن خلاف شهري عورتن سميت روڊن تي نڪري آيا.
ڪي اين شاهه ۽ نصير آباد ۾قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي سياسي سماجي تنظيمن جي تڪراري ڪينال رٿا خلاف مظاهرو، نوشهرو فيروز ۾ شهرين پاران امام بارگاهه ابو تراب کان ريلي ڪڍي وئي، قاضي احمد ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو، راڌڻ ۾ تڪراري ڪينالن خلاف شهرين احتجاج ڪيو، شاهپور جهانيان، پورهيتن، هارين ۽ قومپرست تنظيمن جو احتجاج، ميهڙ ۾ وڪيلن جو تڪراري ڪئنالن خلاف مظاهرو، نوابشاهه ۾ جيئي سنڌ محاذ احتجاج ڪيو، ڪنب ۾شهرين ريلي ڪڍي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڏهرڪي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ريلي.