ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ واري الزام هيٺ گرفتار مک جوابدار حسين لوائي کي اوچتو دل جو دورو پئجي ويو آهي، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جيل انتظاميا جي ذريعن جو چوڻ آهي ته حسين لوائي کي خميس ڏينهن منهجهند جو هِيانوَ / دل ۾ سُر پيو جنهن کي فوري طور تي ئي دل جي بيمارين واري اسپتال اين آءِ سي وي ڊي منتقل ڪيو ويو هو، جنهن کي اتي داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ميڊيا پاران رابطو ڪرڻ تي حسين لوائي جي وڪيل شوڪت حيات ٻڌايو ته، حسين لوائي لاءِ اڳ ئي ڊاڪٽر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي، کيس خميس ڏينهن دل جو دورو پيو آهي پر ايف آءِ اي اختياريون ساڻس ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي رهيون آهن. ڊاڪٽرن حسين لوائي کي آءِ سي يو منتقل ڪيو آهي، جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر ان ڳالهه جي تصديق نه پيا ڪن ته حسين لوائي کي ڪيستائين اسپتال ۾ رکڻو آهي. واضح رهي ته حسين لوائي کي ايف آءِ اي مختلف بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۽ انهن ۾ غير قانوني رقم جي منتقلي بابت سهولت ڪاري جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو.
Check Also
ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪرڻ بعد لاش کي باهه ڏئي ساڙڻ جي تصديق
حيدرآباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) شهيد ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي ڇُرين سان وار ڪري قتل ڪرڻ …