وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جي هوڏ تي قائم، سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي جي هوڏ تان نه لٿي، ڪئنالن ڪڍڻ لاءِ ٻيهر سرگرم، منصوبي تي غور ويچار لاءِ وزيراعظم شهباز شريف اهم اجلاس اڄ سڏائي ورتو، اجلاس ۾ وزيراعظم جا انتهائي اهم ۽ اعتماد وارا وزر شرڪت ڪندا. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي معلوم ٿيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي ۽ سنڌو درياءَ مان6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ لاءِ وزيراعظم شهباز شريف هڪ اهم اجلاس سڏائي ورتو آهي، ذريعن موجب اجلاس اڄ وزيراعظم شحباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو، اجلاس ۾ سي سي آءِ جي فيصلن جي روشني ۾ ڪئنالن واري معاملي تي غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، رٿابندي وارو وزير احسن اقبال، پاڻي وسيلن واري وزارت جا وزير ۽ لاڳاپيل سمورا عملدار شرڪت ڪندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اٽارني جنرل آف پاڪستان کي سڏايو ويو آهي.
سنڌسماءَچار