گڏيل مفادن واري ڪائونسل ( سي سي آءِ سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي، انڊس رور سسٽم اٿارٽي / ارسا ڪئنالن تي ڪم شروع ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ بهاري جاري ڪيو، سنڌ حڪومت سمورن فيصلن تي اتفاق ڪري ڇڪي آهي، سنڌ حڪومت ۽ پيلزپارٽي جون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون.
سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ منظوري ڏئي چڪي آهي، ارسا به ڪئنالن تي ڪم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي، سنڌ حڪومت به اتفاق ڪيو آهي، واپڊا اختيارين سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جون دعوائون رد ڪري ڇڏيون.
اسلام آباد ( رپورٽر سنڌسماءَچار) گڏيل مفادن واري ڪائونسل ( سي سي آءِ سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي، انڊس رور سسٽم اٿارٽي / ارسا ڪئنالن تي ڪم شروع ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ بهاري جاري ڪيو، سنڌ حڪومت سمورن فيصلن تي اتفاق ڪري ڇڪي آهي، سنڌ حڪومت ۽ پيلزپارٽي جون سموريون دعوائون ڌوڙ ٿي ويون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ چيئرمين خالد حسين مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي ميمبرن چيو ته، سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي جي پاڻي معاملن واري ڪميٽيءَ ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ جي سخت اعتراضن ۽ سي سي آءِ جي منظوري کانسواءِ سنڌو درياءَ مان تڪراري 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو ڪم شروع ٿي ڪيو ويو آهي، واپڊا اختيارين پيپلزپارٽي جي ميمبرن جو موقف رد ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن جو ڪم ڪرڻ لاءِ سي سي آءِ منظوري ڏني ان کانپوءِ انهن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ميمبرن جي سوال تي واپڊا اختيارين بريفنگ ۾ ٻڌايو ته سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. واپڊا اختيارين پيپلزپارٽي جي ميمبرن، ابرار شاهه، مير منور ٽالپر، جاويد شاهه جيلاني جي دعويٰ رد ڪندي ڪميٽي کي ٻڌايو ته، سنڌو درياءَ مان 6نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل / سي سي آءِ منظوري ڏئي چڪي آهي، ارسا به ڪئنالن تي ڪم ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي.
اسٽيڊنگ ڪاميٽي خالد مگسي چيو ته ڪئنال ان ڪري ٺهي رهيا آهن ته جڏهن پاڻي وڌيڪ اچي ته ان کي انهن ڪئنالن ۾ ڇڏي سگهجي، ۽ ٻوڏ کان محفوظ رهي سگهجي. پنجاب جي ڪئنال کي سنڌ جي حصي جو پاڻي نه ملندو، نه سنڌ ائين ٿيڻ ڏيندي. چيئرمين واپڊا جنرل رٽائرڊ سجاد غني چيو ته سمورن صوبن ۾ رڳو اهي ڪئنال ٺاهيا پيا وڃن جن ۾ اضافي پاڻي ڏئي سگهجي ٿو، جيترا به ڪئنال ٺهي رهيا آهن اُنهن کي چار کان پنجا سال لڳي ويندا. پاڪستان وٽ هن وقت جيترو پاڻي آهي اهو 4 کان 5 سالن ۾ ٻيڻو ٿي ويندو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ 2 ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ هڪ هڪ ڪئنال ٺهي رهيو آهي، وفاقي حڪومت سوچي پئي ته سنڌ کي ٻوڏ واري صورتحال کان ڪيئن بچايو وڃي. مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي ته ان کي ٻوڏ کان بچائڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو. واپڊا چيئرمين سوال ڪيو ته ڇا سنڌ ۾ ٻوڏ تباهي ناهي ڪندي؟ آبي وسيلن بابت سيڪريٽري چيو سنڌ جو ميمبر موجود هيو. ارسا ڪئنالن جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا. سنڌ حڪومت کي چڱي ريت معلوم آهي ته ڪئنالن ۽ پاڻي تقسيم تي ڇا ٿي رهيو آهي. چيئرمين واپڊا چيو ته ايندڙ پنجن کان ڏهن سالن دوران درياءَ ۾ 10 ايم اي ايف پاڻي جو اضافو ٿيندو، انڪري نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن جيئن اضافي پاڻي انهن ۾ ڇڏيو وڃي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ڪئنال جي ڪڍڻ جي منظوري ڏئي چڪي آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت اتفاق ڪري ڇڏيو آهي. واپڊا چيئرمين ڪاميٽي چيو ته ڪئنالن جي حوالي سان جيڪي به غلط فهميون آهن اُهي ختم ڪيون وڃن.
ڪميٽي جي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبر ابرار شاهه چيو ته سنڌ ۾ پاڻي ناھي، ماڻھو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آھن، پاڻي آھي ئي نه ته ڪئنالن وارو منصوبو ڪيئن پيا شروع ڪيو ويو آهي. جاويد شاهه جيلاني چيو ته پنجاب جي حدن ۾ سنڌ جو پاڻي سالن کان چوري پيو ٿئي، مير منور ٽالپر چيو ته ارسا جي انگن اکرن موجب سنڌ گذريل 4 سالن کان لڳاتار 47 سيڪڙو پاڻي گهٽ کڻي رهي آهي، وفاق جو اھڙو رويو رھيو ته سنڌ جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري ويندا ۽ ڪاٺيون کائيندا، سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال قبول ناهي.