جيئي سنڌ قومي محاذ جو سنڌو مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف سکر مان نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان، مٽياري پهچڻ تي قافلي جي شاندار آجيان، سنڌ سڪائڻ بند ڪيو، سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ بند ڪيو، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي نعرن جي گونج، قافلو رات حيدرآباد ۾ ترسندو
ٽياري (رپورٽر سنڌسماءَچار) جيئي سنڌ قومي محاذ جو سنڌو مان ڪئنالن ڪڍڻ خلاف سکر مان نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان، مٽياري پهچڻ تي قافلي جي شاندار آجيان، سنڌ سڪائڻ بند ڪيو، سنڌ جون زمينون وڪرو ڪرڻ بند ڪيو، سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور جي نعرن جي گونج، قافلو رات حيدرآباد ۾ ترسندو.
سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، زمينن جي وڪري ۽ ٻين مسئلن سکر مان 28 جنوريءَ تي نڪتل پيادل مارچ مٽياري پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي. جسقم آريسر جي پيادل مارچ اسلم خيرپوري، ڪامريڊ جمن لاکو، وحيد سنڌي، امير باغي، ڪرن نظاماڻي، اسد سنڌ يار ۽ ٻين جي اڳواڻئ ۾ مٽياري پريس ڪلب پهتو. جسقم آريسر جي اڳواڻن ڪارڪنن کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جي ريگستانن کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي آباد زمين بنجر بڻائڻ جي سازش آهي. وفاق پنجاب جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنال ڪڍي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي به انهن سان ٻِٽُ بڻيل آهي.
اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مان پنجاب، چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند ڪئنال جيڪي فلڊ ڪئنال آحن ۽ صرف ٻوڏ جي صورت ۾ ئي وهائي سگهجن ٿا پر اُهي سمورو سال وهائي سنڌ جو پاڻي چورايو وڃي ٿو. جسقم آريسر جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن خاص طور پنجويهن سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جي نتيجي ۾ انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي، سامونڊي پٽي جي چاليهه لک ايڪڙن کان وڌيڪ آباد زمين تباهه ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ زرعي معيشت مڪمل طور تباهه ۽ لکين ماڻهو معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن. هنن چيو ته سنڌو مان نوان 6 ڪئنال نڪرڻ کانپوءِ سنڌ بنجر بڻجي ويندي، زرعي معيشت مڪمل تباهه ۽ پيئڻ جي لاءِ به پاڻي نه ملندو. پاڻي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اسان آخري دم ۽ منصوبي جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رکنداسين. جسقم جو مارچ مٽياري کان حيدرآباد طرف روانو ٿي ويو، جيڪو رات حيدرآباد ۾ ترسڻ بعد صبح جو وري پنه جي منزل ڪراچي ڏانهن روانو ٿيندو.