Monday , April 21 2025
Breaking News

سنڌو شينهن شير درياءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي: ذوالفقار ڀٽو جونيئر

 سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ گڏ آهيون، ڪاميابي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي ٿيند: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر

ڪراچي(چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو آهي ته سنڌو شينهن شير درياءَ آهي، سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رهندي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف هر جدوجهد ۾ گڏ آهيون، ڪاميابي سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي ٿيندي. ڪراچي ۾ سنڌو درياهه تي 6 نوان ڪينال ٺاھڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ايس يو پي، سنڌ پٽيشن فورم پاران ڪراچي ۾ مارچ، ڪراچي پريس ڪلب آڏو مارچ کي خطاب ڪندي، ذوالفقارڀٽو جونيئر چيو ته، سنڌو درياءَ صدين جي تهذيب ۽ تاريخ جو نالو آهي، سنڌو صرف درياءُ ۽ پاڻي جو وسيلو ئي ناهي پر اهو هڪ تهذيب جو نالو آهي جيڪا دنيا جي شاندار ۽ مهذب تهزيبن جي به ماءُ آهي.

ذوالفقار جونيئر چيو ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جي نالي تي اسان کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صوورت ۾ برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته اسان روڊ، ريلوي ٽريڪ، ايئرپورٽ ۽ بندرگاهه بند ڪنداسين پوءِ انهن کي سمجهه ۾ ايندو، اسان آخري ساهه تائين سنڌو درياءَ ۽ زمينن جي تحفظ لاءِ وڙهنداسين. ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته ڪينالن خلاف اسان جو احتجاج جاري آهي، اسان ان جدوجهد ۾ وڪيل ڀائرن سان به گڏ آهيون. سنڌو درياءُ سان گڏ سنڌ جا سمورا وسيلا سنڌ جا آهن، دياهه ۾ پاڻي ناهي، سنڌ جي زمين بنجر آهي، مان نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز کي دعوت ڏيان ٿو ته سنڌ اچن ۽ سنڌ جو حال ڏسي وڃن. درياهه تي پڇڙي جي ماڻهن جو وڌيڪ حق هوندو آهي. اسان جو مقصد گڏيل آهي ۽ ان ڪري مان سڀني سان گڏ ويهڻ لاءِ تيار آهيان. حڪومت کي به ماڻهن جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي.احتجاج دوران سنڌ جي ناليواري راڳي بيدل مسرور ”مان ڏوهي هان ڏوهي هان” گيت ڳائي ماحول کي گرمائي ڇڏيو.

بندوق جي زور ۽ ترقي جي نالي تي ڪئنال ۽ زمينن تي والار قبول ناهي: زين شاهه

About admin

Check Also

ڪئنالن وارو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، 10مهينا به ويٺا رهنداسين: عامر وڙائچ

ٻٻرلوءِ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وڪيلن ڪئنالن جو منصوبو رد ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *