Monday , March 31 2025
Breaking News

ڪرپشن جو اقرار ڪري ڏوڪڙ واپس ڪندڙآفيسرز کي عهدن تان هٽائڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي ( اصغر آزاد سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ڪرپشن جا پئسا رضاڪاراڻي طور واپس ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي عهدن تان هٽائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، آبپاشي کاتي جي 19 آفيسرن کي عهدن تان هٽائي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ رضاڪاراڻي طور ڪرپشن جا پئسا واپس ڪندڙن آفيسرن ۽ ملازمن کي عهدن تان هٽائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ ڪارروائي ڪندي گريڊ هڪ کان گريڊ 18 جي آفيسرن ۽ ملازمن کي لاڳاپيل کاتن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ فوري رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ نوٽيفڪيشن جاري ڪري لاڳاپيل سمورن کاتن جي سيڪريٽريز کي رضاڪاراڻي طور ڪرپشن جا پئسا واپس ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب آبپاشي کاتي جي 19 وي آر ڀريندڙ آفيسرن کي فوري طور عهدن تان هٽائي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب رضاڪاراڻي طور ڪرپشن جا پئسا واپس ڪندڙ گريڊ 19 ۽ ان کان مٿي جي آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ لاءِ سمري وڏي وزير مراد علي شاهه ڏانهن اماڻي وئي آهي. ٻي طرف آپباشي کاتي جي 19 آفيسرن کي هٽايو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل

سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *