( لنڊن پريس رليز ) سنڌي بلوچ فورم جي گڏيل پريس پڌرائي موجب سنڌي بلوچ فورم جي گڏجاڻي لنڊن ۾ ٿي. جنهن ۾ اصولي طور اهو طئي ڪيو ويو ته سنڌين ۽ بلوچن وچمي ويڇا پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو. اجلاس ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس، بلوچ نيشنل مومنٽ، ورلڊ بلوچ آرگنائيزيشن ۽ بلوچ هيومن رائيٽس ڪائونسل يوڪي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سنڌي بلوچ فورم جي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرفيائي وحدت تي سوال اٿاريندڙن ڌرين کي سنڌين ۽ بلوچن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرائيندڙ قرار ڏيندي ان عمل کي سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي تحريڪن ۽ مقصد لاءِ هاڃيڪار قرار ڏيندي اهڙن عملن ۽ انهن ويڇا پيد ڪندڙ ڌرين جي گڏيل مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ ان تي اتفاق راءُ قائم ڪيو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون موجوده جاگرافيائي سرحدون جيڪي پنهجو تاريخي پسمنظر رکن ٿيون ان ۾ يقين رکن ٿيون،.جاگرفيائي ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ کي محڪوم سنڌين ۽ بلوچن جي وچ ۾ فطري قومي اتحاد کي نقصان رسائڻ ۽ سنڌين ۽ بلوچن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جي سازش قرررار ڏيندي رد ڪيو ويو.
سنڌي بلوچ فورم جي گڏجاڻي بلوچستان ۾ سنڌي مزدورن جي قتل جي مسئلي کي غير معمولي اڀار ڏئي سنڌين ۽ بلوچن وچمي غلط فهميون پيدا ڪرڻ جي سازش قرارڏنو ويو.