سنڌ اسيمبلي جو اجلاس: پ پ پاران غلام قادر مري، اشفاق ۽ نواب لغاري جي گمشد گين خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو فيصلو

Nawab Laghari Ghulam Qadir Marri 1

سنڌ اسمبلي جو اجلا 12 اپريل تي سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران وفاقي حڪومت خاص طور تي وزير اعظم نواز شريف، چوڌري نثار ۽ عابد شير علي کي خاص نشاني تي رکڻ جو امڪان آهي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي 12 اپريل واري اجلاس ۾ پيپلز پارٽي وفاقي سرڪار خلاف باقائدگي سان تياري ڪئي آهي.

پ پ ايم پي اي ٻڌايو ته، اجلاس دوران وزير اعظم نواز شريف، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ۽ پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي کي سڌي نشاني تي آڻي تنقيد ڪئي ويندي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ موجب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾، پ پ پاران آصف علي زرداري جي ويجهن ساٿين غلام قادر مري سندس ساٿين، اومني گروپ جي ڪنسلٽنٽ اشفاق لغاري ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نواب لغاري جي مبينا طور کنڀجي وڃڻ واري مامري خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويندو.

About

Check Also

سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جو منصوبو؛ وفاقي حڪومت حڪومت ٻيهر سرگرم

وفاقي حڪومت سنڌ سڪائڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ واري هوڏ تي قائم، …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *