سنڌ جي آرٽس ڪائونسلن جي گڏيل فورم يا ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو حشر ڇا ٿيو؟- اسحاق سميجو

جڏهن ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ان جا ميمبر ٿيا. ان ئي ميٽنگ ۾ فيصلو ٿيو ته سنڌ جي هر ڊويزنل آرٽس ڪائونسل کي ڪراچي آرٽس ڪائونسل کي مليل نون پندرنهن ڪروڙن مان ٻه ٻه ڪروڙ ثقافتي سرگرمين، ڊرامه فيسٽيولن،ڪانفرنسن، ادبي سرگرمين ۽ فنڪارن جي سهائتا لاءِ ڏنا ويندا. ڇوته اها گرانٽ سرڪار وڌائي ئي ان ڪري هئي، ته ان مان ٻين آرٽس ڪائونسلن کي به مالي سهائتا ڪئي ويندي. گڏوگڏ هر ڊويزن ۾ هڪ وڏو ثقافتي ميلو ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۽ ان ڊويزن جي آرٽس ڪائونسل جي گڏيل لوگو ۽ نالي سان پڻ ٿيندو. پهريون ميلو آء بي اي سکر ۾ ٿيو، جنھن جي اعلان واري پريس ڪانفرنس ۾ سکر جي صدر کي گڏ ويهارڻ جي ضرويت به محسوس نه ڪئي وئي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سکر ۾ ٿيل موسيقيءَ جي هڪ پروگرام ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ جي صدر احمد شاهه پاران نامور راڳي صنم مارئي سان اختيار ڪيل خراب رويي خلاف سوشل ميڊيا تي گهڻو ڪجهه لکيو پيو وڃي. ان سان گڏ ئي سنڌ جي ٻين آرٽس ڪائونسلن کان مطالبو ڪيو پيو وڃي ته احمد شاهه کي سنڌ جي سمورين آرٽس ڪائونسلن جي سربراهيءَ تان هٽايو وڃي. جيئن ته اڪثر دوستن کي ان حقيقت جي خبر نه آهي، ته سنڌ جي آرٽس ڪائونسلن جي گڏيل فورم يا ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو حشر ڇا ٿيو، ان ڪري ڪجهه حقيقتون وضاحت طور رکجن ٿيون.

دراصل سيد سردار علي شاهه جي ثقافتي وزير هجڻ وارن ڏينھن ۾ سنڌ جي سمورن شھرن ۾ آرٽس ڪائونسلون قائم ٿيڻ شروع ٿيون هيون، جو هن انهن لاءِ هڪ اتساهيندڙ ماحول جوڙيو هيو. لاڙڪاڻو ۽ خيرپور اڳ ئي ٺهيل هيا، سکر ۽ حيدرآباد نيون ٺھيون. انهن ۾ نه ڪنهن مخصوص مڪتب جا ميمبر ۽ عهديدار چونڊيا ويا، نه مخصوص سرگرمين جو فيصلو ٿيو. هر آرٽس ڪائونسل پنهنجي پنهنجي شهر ۽ علائقي ۾ بنا ڪنهن مخصوص فڪر، سياسي سوچ، رنگ، نسل يا نظريي کان مٿانهين ٿي، پنھنجي وس ۽ وسيلن آهر نج فن ۽ فنڪار جي ڀلائي، سهائتا ۽ واڌ ويجهه جي مقصد تحت ڪم ڪرڻ لڳي. ڪراچي آرٽس ڪائونسل کي ثقافت کاتي هڪ نئين عمارت به سرگرمين لاءِ ڏني، جڏهن ته سکر ۽ حيدرآباد سان به سرگرمين لاءِ جاين ڏيڻ جا ايگريمينٽ ڪيا ويا، جن مان حيدرآباد جو ايگريمينٽ نگران حڪومت ۾ هڪ سازش تحت ڪينسل ڪيو ويو. (جيتوڻيڪ نگران حڪومت ۾ خود احمد شاهه صاحب به وزير هيو).

بهرحال جڏهن مختلف شهرن ۾ آرٽس ڪائونسلون ٺھيون، ته سيد سردار علي شاهه صاحب جو خيال هو ته انهن آرٽس ڪائونسلن جي پاڻ ۾ ڪا ڪو آرڊينيشن هجڻ کپي ۽ ڪي وڏا ثقافتي پروگرام گڏجي پڻ ڪرڻ کپن. گڏوگڏ آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ کي ڇوته سنڌ سرڪار پئسا ڏئي ٿي، تنهن ڪري اهي پئسا سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ فن ۽ فنڪار جي ڀلائيءَ لاءِ ڪتب اچڻ کپن. ان مقصد لاءِ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊويزنل سطح جي آرٽس ڪائونسلن جو هڪ اجلاس سڏايو ويو، جنھن ۾ سکر، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد جي آرٽس ڪائونسلن شرڪت ڪئي ۽ پهرين ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو صدر سيد احمد شاهه ۽ سيڪريٽري ممتاز بخاري چونڊيا ويا. جڏهن ته حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ان جا ميمبر ٿيا.
ان ئي ميٽنگ ۾ فيصلو ٿيو ته سنڌ جي هر ڊويزنل آرٽس ڪائونسل کي ڪراچي آرٽس ڪائونسل کي مليل نون پندرنهن ڪروڙن مان ٻه ٻه ڪروڙ ثقافتي سرگرمين، ڊرامه فيسٽيولن،ڪانفرنسن، ادبي سرگرمين ۽ فنڪارن جي سهائتا لاءِ ڏنا ويندا. ڇوته اها گرانٽ سرڪار وڌائي ئي ان ڪري هئي، ته ان مان ٻين آرٽس ڪائونسلن کي به مالي سهائتا ڪئي ويندي. گڏوگڏ هر ڊويزن ۾ هڪ وڏو ثقافتي ميلو ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۽ ان ڊويزن جي آرٽس ڪائونسل جي گڏيل لوگو ۽ نالي سان پڻ ٿيندو. پهريون ميلو آء بي اي سکر ۾ ٿيو، جنھن جي اعلان واري پريس ڪانفرنس ۾ سکر جي صدر کي گڏ ويهارڻ جي ضرويت به محسوس نه ڪئي وئي. (ان مان محسوس ٿيو، ته ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي نيت ڇا آهي. ان جو ثبوت سکر ۾ ٿيل ٻئي ميلي مان مليو، جنهن ۾ سکر آرٽس کي شامل ئي نه ڪيو ويو.) سکر ۾ ميلي جي لڳل پوسٽرن ۾ جڳ مشهور سنڌي شاعرن اديبن جون تصويرون به بلڪل هيٺ ۽ پوسٽرن جي تري ۾ لڳايون ويون ۽ معمولي اردو ليکڪن کي به مٿان رکيو ويو، جيئن سنڌي ۽ اردو ۾ شاعري ڪرڻ جي ‘فرق’ کي واضح ڪري سگهجي. مون ان تي اعتراض ڪيو ته ايوب شيخ ۽ شڪيل چيو ته، “اها ڊزائينرن جي غلطي آهي، اهي اديبن کي نٿا سڃاڻن” . اڃا مزي جا ڳالهه ته ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي باڊي ڪل ٻن سالن لاءِ هئي ۽ ميٽنگ ۾ طئي ٿيو هو ته هر ٻن سالن کان پوءِ باڊي تبديل ٿيندي، پر شاهه صاحب آمريڪا ۾ سانا ڪنوينشن ۾ تقرير ڪندي چيو ته “مونکي تاحيات صدر چونڊيو اٿن” ، جيڪا ڳالهه درست نه هئي.
سڀ کان مزي جي ڳالهه اها ته جيئن ئي سردار شاهه صاحب ثقافت جي وزارت ڇڏي، ته مون ممتاز بخاريءَ کي چيو، هاڻ هي پراڻن واعدن تان ڦري ويندو. پڪ خاطر مان ۽ ممتاز بخاري احمد شاهه صاحب سان سندس آفيس ۾ وڃي ملياسين ته اوهان جيڪو ٻين آرٽس ڪائونسلن کي ٻه ٻه ڪروڙ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، تنھن بابت ڇا ٿا چئو. ته چيائين” هاڻ ٻه ڪروڙ نه، هڪ هڪ ڪروڙ ڏيندس ۽ هڪ ڪروڙ جا ڊرامه فيسٽيول ،ڪانفرنسون، موسيقي جا پروگرام ڏينداسين” . پر پوءِ نه هڪ هڪ ڪروڙ مليا، نه سنڌ جي ڪنھن آرٽس ڪائونسل کي ڊرامن کان سواءِ ڪجهه مليو، جنھن لاءِ به هر آرٽس ڪائونسل جي صدر کي وٽس پندرهن حاضريون ڏيڻيون ۽ بار بار تاريخون تبديل ڪرڻيون پونديون آهن.
ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي واٽس ائپ گروپ تي مون احمد شاھ صاحب کي کليل خط لکيو ته اوهان هڪ به آرٽس ڪائونسل کي ڪجهه ناهي ڏنو، ته هن ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو ڪم ۽ جواز ڪهڙو آهي? جنهن بعد نه ڪڏهن ان ڪميٽي جي ميٽنگ ئي سڏائي وئي، نه ئي مالڪ کي ان جي گهرج ئي محسوس ٿي. ڇوته آرٽس ڪائونسل ڪراچي سنڌ ۾ هڪ متبادل ڪلچر منسٽري طور ڪم ڪري رهي آهي، ۽ اها ڪا لڪل ڳالهه نه آهي. سنڌ سرڪار کيس وڌيڪ پندرھن ڪروڙ به ڏئي ڇڏيا آهن. هن وقت سکر کي ڪروڙ، لاڙڪاڻي کي ڪروڙ، حيدرآباد کي ٻڙي، خيرپور کي ٽيهه لک ۽ ڪراچي آرٽس ڪائونسل کي سٺ ڪروڙ ملي رهيا آهن. ان صورتحال ۾ سمجهي سگهجي ٿو ته هڪڙو شخص ٻين آرٽس ڪائونسلن ۽ وڏن وڏن آرٽسٽن کي گوڏي جو گاهه سمجهي ٿو ته يقينن هن کي پنھنجي پٺ ۽ سگهه جو اندازو آهي. آرٽسٽ توڙي ٻيون آرٽس ڪائونسلون هن بابت هميشه ورهايل رهندا. ڇوته هن وٽ پئسا آهن، ڪراچيءَ جهڙي وڏي شهر جو سڀ کان وڏو اسٽيج آهي ۽ سرڪار کي به هن جي ئي ضرورت آهي. باقي جيستائين سنڌ جي سڀني آرٽس ڪائونسلن جي صدارت جي ڳالهه آهي ته احمد شاهه جيئن ته ان ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ڪنھن به فيصلي تي عمل نه ڪيو، تنھن ڪري عملي طور هو ان جو صدر به ناهي رهيو. بلڪ اها ڪوآرڊينيشن ڪميٽي به ناهي رهي.
صنم مارئي صاحبه احمد شاهه صاحب کي معاف ڪري ٿي، يا نٿي ڪري، پر سنڌ جي ماڻهن خاص طور آرٽسٽن کي ان سوال تي ضرور سوچڻ گهرجي، ته سنڌ حڪومت پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ کي ملندڙ سٺ ڪروڙن مان جيڪڏهن سنڌي ٻولي ،سنڌي موسيقي، سنڌي ادب ۽ سنڌي ثقافت تي ويهه ڪروڙ به خرچ نٿا ٿين، ته اهي ايڏا وڏا پئسا ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنا پيا وڃن؟.
نوٽ: هي نوٽ اسحاق سميجو جي فيس بڪ وال تان کنيل آهي(ادارو)
سنڌسماءَچار