سنڌ جي اشوز تي سنڌسماءَچار سڀني کان اڳتي، 6 مهينا اڳ خبر جي تصديق، وڏي وزير جو اعتراف

سنڌسماءَچار هميشه سڀني کان اڳڀري رهي آهي، گرين پاڪستان انشيٽو منصوبي بابت 6 مهينا اڳ هڪ اسٽوري جي اڄ تصديق ٿي وئي آهي.30سيپٽمبر2024تي سنڌسماءَچار گرين انيشيٽو منصوبي ۾ سيڙپ ڪندڙن کي قرض ڏيڻ، زمينن جي الاٽمينٽ سميت سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ بابت خبر شايع ڪئي هئي، وڏي وزير اڄ ان جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي اشوز تي  ڳجهه مان ڳولي خبرون عوام تائين پهچائڻ لاءِ سنڌسماءَچار هميشه سڀني کان اڳڀري رهي آهي، گرين پاڪستان انشيٽو منصوبي بابت 6 مهينا اڳ هڪ اسٽوري جي اڄ تصديق ٿي وئي آهي.30سيپٽمبر2024تي سنڌسماءَچار گرين انيشيٽو منصوبي ۾ سيڙپ ڪندڙن کي قرض ڏيڻ، زمينن جي الاٽمينٽ سميت سموريون سهولتون مهيا ڪرڻ بابت خبر شايع ڪئي هئي. وڏي وزير اڄ ان جي تصديق ڪئي آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه اڄوڪي پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ ۾ گرين پاڪستان انيشيٽو منصوبي ۾ سيڙپ ڪندڙن کي نه رڳو زمينون الاٽ ڪيون آهن پر ان لاءِ لاڳاپيل سيڙپڪارن کي قرض به ڏنو ويو آهي.

سنڌ سماءَچار 30هين سيپٽمبر 2024 تي خبر ۾ پنهنجي بااعتماد ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني هئي ته سنڌ جي وڏي وزير لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته گرين پاڪستان منصوبي ۾ سيڙپ ڪندڙن کي قرض ڏيڻ سميت سمورفيون سهولتون مهيا ڪيون وڃن.

تفصيلن لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري قرضن، زمين جي الاٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن بابت خبر تفصيل پڙهي سگهو ٿا

وڏي وزير مراد علي شاهه کي گرين پاڪستان انيشيٽو سميت اهم منصوبن تي عمل جي هدايت

About admin

Check Also

صدر آصف زرداري جو ويزن، خطرناڪ ڏوهارين سان رعايت،71 ڏوهاري پيش

سنڌ حڪومت صدر آصف زرداري جو ويزن مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب، 6 ڪروڙ رپين کان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *