ڪراچي(رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي سرڪاري اسڪولن ۾ امتحانن ۽ موڪلن جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي امتحان 20 مارچ کان 30 اپريل تائين ۽ گرمين جون موڪلون پهرين مئي کان 30 جون تائين ڪيون وينديون. اهڙو فيصلو تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرينگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس ۾ صوبي اندر تعليم بابت نئين پاليسي تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته سرڪاري اسڪولن ۾ امتحانن بعد اسڪول ٻيهر نه کلندا آهن ۽ پوءِ گرمي جون موڪلون اچي وينديون آهن، جنهن ڪري چئن مهينن تائين سرڪاري تعليمي ادارا بند هوندا آهن. اجلاس ۾ مختلف تجويزن بعد فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري اسڪولن ۾ امتحان 20 مارچ کان 30 اپريل تائين ورتا ويندا ۽ گرمي جون موڪلون پهرين مئي کان 30 جون تائين ڪيون وينديون جنهن بعد سنڌ ۾ تعليمي سال هاڻي آگسٽ کان شروع ٿيندو. تعليم کاتي پاران يوم پاڪستان ۽ يوم ڪشمير جي موڪلن وارن ڏينهنَ تي مختلف تقريبون گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
Check Also
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ٺٽي ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿيڻ لڳو، 6ڪئنالن خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل
سموري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ، بيٺل فصل سڪڻ لڳا، ٺٽي ضلعي ۾ پيئڻ …