ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ جي تعليم کاتي ڪاليج ايجوڪيشن ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن، 8 سالن تائين سرڪاري ڪاليجن جي فيس جا ڪروڙ رپيا سرڪاري خزاني ۾ جمع ئي نه ڪرايا ويا. سنڌ جي تعليم کاتي جي ڪاليج سائيڊ تي سنڌ جي سمورن ڪاليجز ۾ 2011 کان 2017-2018 تائين 8 سالن تائين شاگردن کان داخلائن، ٽيوشن ۽ امتحانن سميت ٻين مَدن ۾ وصول ڪيل فِيُن / فيسز جي رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ئي نه ڪرائي وئي. ان سلسلي ۾ نيب معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب جي لاڳاپيل اختيارين ڪاليج ايجوڪيشن کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي 2011 کان 2017-2018 تائين 8 سالن تائين ڪاليجز ۾ وصول ڪيل فين جو سمورو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، نيب ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته رڪارڊ پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.
Check Also
چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهي رهيو آهي، ڪوٽڙي وٽ شديد کوٽ
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جو وهڪرو انتهائي درجي تائين گهٽجڻ ان سان گڏ سنڌ ۾ …